جهاز اگوا ڪرڻ جي ڌمڪيءَ بعد ممبئي، حيدرآباد ۽ چينئي هوائي اڏن تي سخت سجاڳيءَ لاءِ سڏ

ممبئي، حيدرآباد ۽ چينئيءَ وارن ٽن وڏن بين اَل قوامي هوائي اڏن تي سلامتي وڌائي ويئي آهي، ڇو ته ايجنسين کي ڄاڻ ملي ته اِنهن هنڌان ڪنهن هوائي جهاز کي اگوا ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي

عملدار ٻڌايو ته ممبئي پوليس کي ڇنڇر رات جو ممبئيءَ ۾ رهندڙ هڪ عورت وٽان اِن متعلق ايِ‐ميل ملڻ بعد سخت سجاڳي ورتڻ جا آرڊر جاري ڪيا ويا. اُنهن چيو ته اُن عورت ڇهن ڇوڪرن کي اِنهن هوائي اڏن تان جهاز بچائڻ بابت ڳالهائيندي، ٻُڌي ورتو هو

بهرحال، هڪ سينيئر عملدار جيڪو هوائي اڏن جي سلامتيءَ سان واسطو رکندڙ آهي، تنهن چيو ته هراس ۾ اچڻ جو ڪو به سبب نه آهي ۽ هوائي اڏن تي سمورو ڪم ڪار رواجي طرح هلندو ۽ مسافرن کي ڪا تڪليف نه ٿيندي، پوليس ايِ‐ميل بابت جاچ ڪري رهي آهي