وزير اعظم چيو ته آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ دلِتن جي رول بابت 50 ميوزم قائم ڪيا ويندا

وزير اعظم نريندر موديءَ آرتوار ڏينهن چيو ته سڄي ملڪ اندر 50 هنڌن تي اهڙا ميوزم قائم ڪيا ويندا، جن ۾ دلِتن طرفان آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ ادا ڪيل اهميت ڀرئي ڪردار کي اُجاگر ڪيو ويندو. وزير اعظم چيو ته سرڪار چاهي ٿي ته آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ دلِتن جي ڏنل قربانين کان موجوده ۽ آئينده وارين پيڙهين کي واقف ڪجي

وزير اعظم ڪالهه ڀُبنيشور ۾ اُنهن 16 مهان آزاديءَ جي لڙاڪن جي ڪٽمبن جو سنمان ڪيو، جن 1871 ۾ انگريزي حڪومت خلاف پهرئين بغاوت ۾ بهرو ورتو هو

اُن موقعي تي شري موديءَ چيو ته منهنجي لاءِ اهو فخر جو پل آهي جو اُنهن شهيدن جي قربانين کي ياد ڪري رهيا آهيون ۽ مان وڏ ڀاڳي آهيان جو اُنهن جي ڪٽمبن سان ملي رهيو آهيان