آسام جو وڏو وزير، چين جي ڀارت واري ايلچيءَ سان مليو

آسام جو وڏو وزير سربانند سونووال سومر ڏهاڙي گواهاٽيءَ ۾ چين جي ڀارت واري ايلچي لُئو زهااوهوُئي سان مليو ۽ ٻنهي پاڻ ۾ باهمي دلچسپي ۽ باهمي سروڪار وارن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

سونووال چيو ته جيئن ته آسام جي چين سان جاگرافيائي قربت آهي، اُهي تجارتي مفادن لاءِ هڪ ٻئي جا فطرتي ساٿي بڻجي، ڌنڌن واپار کي وڌائي سگھن ٿا، جا ڳالهه ٻنهي ڌرين جي فائدي وٽان ٿيندي

آسام مان هڪ سفارت چين ڏي وڃي، چين جي هُئانگ هو نديءَ جي ڪامياب اِنتظاميه بابت اُتي اڀياس ڪري، اِن لاءِ چيني ايلچيءَ کان سهڪار گُهرندي، شري سونووال چيو ته برهمپُتر نديءَ کي سنڀالڻ آسام لاءِ وڏي سروڪار جي ڳالهه آهي ۽ اِن ڏس ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ چين جي سهڪار سان ڪجهه سکي، آسام فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو