سُپريم ڪورٽ سهارا گروپ جي 34 هزارن ڪروڙن جي ملهه واري ائمبي ويليءَ جي وڪري لاءِ حڪم ڏنو

سُپريم ڪورٽ بامبي هاءِ ڪورٽ جي سرڪاري نيلامڪار کي سومر ڏهاڙي چيو ته 34 هزارن ڪروڙن رپين جي ملهه واريون ائمبي ويليءَ وارين جائدادون، جيڪي هن وقت سهارا گروپ جي مالڪيءَ هيٺ آهن، سي وڪرو ڪريو ۽ پڻ گروپ جي سربراه سُبرتا راءِ کي هدايت ڪئي ته هو 28 اپريل کان اڳ شخصي طرح ڪورٽ اڳيان حاضر ٿئي

ڪورٽ جي بينچ، جنهن ۾ جسٽس ديپڪ مشرا، رنجن گوگوئي ۽ اي ڪي سڪري شامل آهن، تنهن راءِ کي چتايو ته ڪورٽ جي آرڊر ڏانهن ڪا کيڏ اختيار نه ڪري. اُن چيو ته ڪورٽ جي حڪم جي ناعمليءَ سبب راءِ اخلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪا خود سندس لاءِ ئي جوکم کڻي ايندي