خبرچار ۽ چؤڏس ڦهلاءَ جي وزير نائڊوءَ چيو ته هڪ نئون فلم اِنسٽيٽيوٽ ايٽانگر ۾ قائم ڪيو ويندو

خبرچار ۽ چؤڏس ڦهلاءَ جي وزرات جي وزير شري وئنڪيا نائڊوءَ پڌرائي ڪئي آهي ته هڪ نئون فلم اِنسٽيٽيوٽ ايٽانگر ۾ قائم ڪيو ويندو. ڪالهه گوهاٽيءَ ۾ اخبار وارن سان ڳالهائيندي شري نائڊوءَ چيو ته انسٽيٽيوٽ في الحال عارضي ڪئمپس مان هلايو ويندو ۽ هن سال 15 ميءِ کان 10 هفتن وارو ننڍو ڪورس في الحال شروع ڪيو ويندو. هن چيو 200 ڪروڙ رپين جي لاڳت جو رٿيو ويو آهي ۽ اِن انسٽيٽيوٽ مان اُتر اوڀر واري علائقي جي شاگردن کي فائدو ملندو. هن چيو ته اِهو اِدارو ستيه جيت ريِ فلم ائنڊ ٽيليوزن انسٽيٽيوٽ جي سرپرستي هيٺ قائم ڪيو پيو وڃي