مالِيا کي لنڊن ۾ گرفتاريءَ بعد ضمانت ملي

ڀارتي واپاري وجيه مالِيا، جنهنکي پروڪليمڊ گناهگار ڪري ظاهر ڪيو ويو هو ۽ برطانيه ۾ رهيو پيو آهي، مالِيا جي ٻانهن ڀارت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست تي، اِسڪاٽلئنڊ يارڊ پوليس کاتي منگل ڏهاڙي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو. هُن کي، سندس ٻانهن ديش جي حوالي ڪرڻ واري وارنٽ هيٺ گرفتار ڪيو ويو

61 سالن جي عمر وارو مالِيا، جنهن تي ڀارت جي مختلف بئنڪن جو 9000 ڪروڙن کان به وڌيڪ قرض آهي، سو 2 مارچ 2016 تي ڀارت مان ڀڄي نڪتو هو

ڀارت ۽ برطانيه وچ ۾ گھربل گناهگارن جي ٻانهن هڪ ٻئي جي حوالي ڪرڻ بابت عهدنامو ٿيل آهي، جنهن هيٺ ڀارت طرفان ڪيل درخواست تي، هن کي گرفتار ڪيو ويو آهي