ڀارتي بحريه جا جنگي ٻيڙا يونان ۾

ڀارتي بحري فوج جا چار جنگي ٻيڙا ٽن ڏينهن جي دوري لاءِ يونان جي سؤدا کاڙيءَ ۾ پهتا آهن

اُهي ٻيڙا آءِ.اين.ايس. ممبئي، آءِ.اين.ايس. ترشول، آءِ.اين.ايس. ترڪش ۽ آءِ.اين.ايس. آدتيه، ڀارتي فوج جي ڀوُوچ سمنڊ ۽ اَفريڪي اولهه ڪناري واري علائقي ۾ او.سي.ڊي. پروگرام هيٺ ٻيڙا سؤدا کاڙيءَ ۾ سومر ڏينهن پهتا

بحري فوج وارن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جنگي ٻيڙا اُن ملڪ ۾ رهڻ دوران اُتان جي هيلينڪ نيوي سان لاڳاپو قائم ڪندا

اِهي چار جنگي ٻيڙا ڀارتي بحري فوج جي اولهندي بحري ڪمانڊ جو حصو آهن ۽ ممبئيءَ ۾ رهندا آهن