بيِ.جي.پيِ. جي مکيه گروپ جي وزير اعظم موديءَ جي گهر ۾گڏجاڻي ڪئي

ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جي مکيه گروپ جي ڪالهه شام جو نئي دهليءَ ۾ وزير اعظم نريندر موديءَ جي گهر ۾ گڏجاڻي ڪئي، سمجهو وڃي ٿو ته ميٽنگ دوران ملڪ ۾ سياسي حالت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي

مرڪزي وزيرن راج ناٿ سنگهه، اروڻ جيٽليءَ، وينڪئيا نائڊو، نِتن گڊڪري ۽ بيِ.جي.پيِءَ. جي صدر اميت شاه ميٽنگ ۾ بهرو ورتو

اِها ميٽنگ، سپريم ڪورٽ طرفان، بي.جي.پيِ. جي اڳوانن لال ڪرشڻ آڏواڻي، مرلي منوهر جوشي ۽ اُما ڀارتيءَ تي، بابري مسجد ڊاهڻ واري ڪيس جي سلسلي ۾ ڏوهي  سازش واريون تهمتون واپس لڳائڻ جي آرڊر ڏيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد سڏائي ويئي