جيٽليءَ چيو ته ماليا کي واپس ديش ۾ آڻڻ لاءِ جاچ ايجنسون بهترين ڪم ڪري رهيون آهن

مالي وزير اروڻ جيٽليءَ چيو آهي ته واد وواد ۾ آيل ڌنڌوري وِجيه ماليا، جنهنکي منگل ڏهاڙي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جيڪو ضمانت تي رِها ڪيو ويو، تنهن کي واپس ڀارت ۾ واپس آڻڻ لاءِ جاچ ايجنسون بهترين ڪم ڪري رهيون آهن

شري جيٽليءَ ڪالهه نئي دهليءَ ۾ اخباروارن سان ڳالهائيندي چيو ته ماليا جي ٻانهن ڀارت جي حوالي ڪرڻ واري ڳالهه، برطانيه ۾ سندس خلاف قانوني ڪارروائيءَ جي حصي طور آهي. هن وڌيڪ چيو ته قانوني ڪارروائيءَ دوران ڪيترين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو آهي

ماليا، جنهنکي ڀارت ۾ اَعلانيل گناگهار ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي، تنهن کي ڀارت جي درخواست تي اِسڪاٽلئنڊ يارڊ واري پوليس ڪالهه گرفتار ڪيو هو ۽ بعد ۾ هُن کي 6،50،000 پائونڊن جي بانڊ تي، ضمانت تي رِها ڪيو ويو هو. هُن کي وري 17 ميءَ تي ويسٽ منسٽر مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي