قومي ساوڪ واري ٽربيونل بئنگلوُرو ڍنڍ ويجهو ڪارخانا يڪدم بند ڪرڻ جو آرڊر ڏنو

اين.جيِ.ٽي. يعنيٰ قومي ساوڪ واري ٽربيونل، بئنگلوُرو‐بيلاندُر ڍنڍ جي اِرد گرد سامهون ڪارخانن کي يڪدم ۽ مڪمل طرح بند ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. اِن ڍنڍ جي پاسي ۾ هڪ وڏي گند جي ڍِڳ کي هن سال فيبروريءَ ۾ باه ڏني ويئي هئي

اين.جيِ.ٽي. جي، اُن جي چيئرپرسن جسٽس سوتنترڪمار جي صدارت واري بينچ، اِن ڏس ۾ ڪو قدم ڪونه کڻڻ لاءِ مڪاني اِدارن تي سخت نقطه چيني ڪندي، ميونسپالٽين طرفان به ڍنڍ جي اِرد گرد ڪنهن به قسم جو ڪچرو ڦٽي ڪرڻ تي به بندش وڌي

بينچ اِها به پڌرائي ڪئي ته اگر ڪنهن کي به ڍنڍ جي اِردگرد ڪِچرو ڦٽي ڪندي ڏٺو ويو ته اُن تي ماحول جي بچاءَ لاءِ اُجوري طور پنجن لکن روپين جو ڏنڊ وڌو ويندو