خاص اين.آءِ.اي. عدالت، دهشتگردي معاملي ۾ تهمتن شامل هئڻ تي ذاڪر نائڪ خلاف غيرضمانتي وارنٽ جاري ڪيو

ممبئيءَ ۾ ڪالهه قومي جاچ ايجنسي اين.آءِ.اي. جي خاص عدالت، تڪراري اِسلامي پرچاري ذاڪر نائڪ خلاف غيرضمانتي وارنٽ جاري ڪيو آهي. هوُ، هڪ دهشتگردي واقعي ۾ تهمتن مبتلا هئڻ ڪري ايجنسيءَ طرفان گھربل آهي. اين.آءِ.اي. گذريل سال نائڪ خلاف غيرقانوني سرگرمين جي روڪ ٿام واري قانون تحت مقدمو درج ڪيو هئو. ايجنسيءَ عدالت کي ٻڌايو ته ٽن سمن جاري ٿيڻ تي به ايجنسيءَ اڳيان پيش نه ٿيو آهي ۽ هن کي هند ۾ گھرائڻ لاءِ انٽرپول جي مدد جي ضرورت پوندي. نائڪ تي غيرقانوني طور پئسا ٻاهر موڪلڻ جي تهمت مڙهيل آهي