نائب صدر انصاري 24 اپريل کان ارمينيا، پولنڊ جي پنجن ڏينهن جي ياترا لاءِ روانو ٿيندو

نائب صدر محمد حامد انصاري سومر ڏهاڙي ارمينيا ۽ پولنڊ جي پنجن ڏينهن جي ياترا لاءِ روانو ٿيندو. شري انصاري، ياترا دوران، ٻنهي ملڪن جي اڳوانن سان وسيع مُدن تي ڳالهيون ڪندو

وسپت ڏهاڙي نئي دهليءَ ۾ ميڊيا وارن کي، پريتي سارن اوڀر سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀارتيه نائب صدر جي، اِنهن ٻنهي ملڪن ڏانهن پهرين ياترا آهي. هُن چيو ته شري انصاريءَ جو اِرادو آهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مٺ محبت وارن رشتن کي اڃا وڌيڪ سگھارو بڻائڻ، سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل هڪ ڪرن فائدن جي وسيع مدن تي ڀائيواڙيءَ کي وڌائڻ. هڪ اوُچي سنوت جي ميڙ سان منگل ڏهاڙي نائب صدر ارمينيئن جي راڄڌاني ييريوان پهچندو

هن اِهو پڻ ٻڌايو ته هن سال ڀارت ارمينيا سان سفارتي رشتن جا 25 سال ملهائي رهيو آهي. ييريوان ۾ شري انصاري، ارمينيا جي صدر، وزير اعظم ۽ سندن جي پرڏيهي وزير سان ڳالهيون ڪندو. نائب صدر ارمينيا اِسٽيٽ يوُنيورسٽيءَ ۾ هڪ تقرير پڻ ڏيندو

ياترا جي ٻئين دور ۾ شري انصاري پولنڊ، وارسا جي ياترا ڪندو. وارسا ۾ شري انصاري پولنڊ جي صدر وزير اعظم ۽ سينيٽ جي اسپيڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. سارن اِهو پڻ ٻڌايو ته ڀارت ۽ پولنڊ منجھ ٻه طرفو واپار، سال ڀر ۾ 25 سيڪڙو وڌيو آهي. هن چيو ته ڀارت پولنڊ کي اُڀرندڙ اقتصادي طاقت طور ڏسي رهيو آهي. ياترا دوران ائٽمي سپلايرس گروپ (اي..ايس.جيِ.) جي ميمبرشپ واري موضوع تي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته، پولنڊ انهيءَ مُدي تي تمام گھڻو حمايتي آهي