نوٽن تي بندش جي مدي تي پارليامينٽري پئنل جو هندستاني رزرو بئنڪ جي گورنر اُرجت پٽيل کي پئنل جي اڳيان حاضر ٿيڻ جي هدايت

مرڪزي بئنڪ جي گورنر اُرجت پٽيل کي پارليامينٽ جي پئنل هدايت ڏني آهي ته اُهو نوٽن تي بندش جي مدي تي روشني وجھڻ لاءِ 25 ميءِ تي پارليامينٽ جي پئنل اڳيان حاضر ٿئي

نئي دهليءَ ۾ ذريعن چيو ته ماليات تي پارليامينٽ جي دائما ڪاميٽيءَ، مرڪزي بئنڪ جي گورنر ۽ وزرات جي عملدارن کي چيو آهي ته اُهي وري ڪاميٽيءَ اڳيان پيش ٿي ڪاميٽيءَ کي نوٽ بندش بابت واقف ڪن جو اِن تي بحث اڃان مڪمل نه ٿيو آهي. ڪاميٽيءَ جي سربراهي اڳوڻو مرڪزي وزير ويرپا مئالي ڪري رهيو آهي جيڪو ڪانگريس جو معتبر اڳوان آهي