هند، چين جي پاران اروڻاچل پرديش جي ڇهن جڳهين کي نوان نالا ڏيڻ تي اعتراض ظاهر ڪيو آهي

 

چين پاران اروڻاچل پرديش جي ڇهن جڳهين جا نوان نالا رکڻ تي هند سخت اعتراض اُٿاريندي چيو آهي ته پاڙيسڙي ملڪ جي پرڳڻن جا نوان نالا ايجاد ڪرڻ سان غير قانوني والار قانون نه ٿي بڻجي سگھي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي وزرات خارج جي عيوضي گوپال پاگلي چيو ته اروڻاچل هند جو اٽوٽ حصو آهي ۽ اُهو هميشهه هند جو دائما حصو رهندو

چين اربع ڏهاڙي پڌرائي ڪئي هئي ته اُن شمالي – مشرق صوبي جي ڇهن جڳهين جا نالا سرڪاري طور پڪا ڪيا ويا آهن اِن چرچ ڏيندڙ قدم کي چين قانوني جائزگي بخشي آهي