پي.وي. سنڌو، درجيداريءَ ۾ ٽئين نمبر تي پهتي

عالمي بئڊمنٽن فيڊريشن جي درجيوار ڳڻپ ۾ هند جي پنجن شٽلرن کي اضافي درجو نصيب ٿيو آهي. اهڙي پڌرائي خميص ڏهاڙي فيڊريشن ڪئي آهي. ريئو اولمپڪس جي چانديءَ جو ٻلو حاصل ڪندڙ پي.وي. سنڌو ٽئين نمبر تي پهتي آهي. گذريل هفتي پنجين نمبر تي ڪري، سنڌو، تازاترين ڳڻپ ۾ ٻه قدم اڳتي وڌي سگھي جو تازو سينگاپور ۾ ٿيل اوپن سُپر سيريز ۾ هوءَ ڪوارٽرفائينل ۾ پهتي هئي

لنڊن اولمپڪس جي ڪانسي جو ٻلو کٽندڙ سائنا نهوال اڳتي وڌي اٺين نمبر تي پهتي آهي