وزير اعظم مودي اڄ نِرمَدا سيوا کي شروع ڪندو

وزير اعظم نريندر مودي اڄ مڌيه پرديش ۾ نِرمَدا سيوا کي شروع ڪندو، سلسليوار ٽُويٽ ڪندي شري مودي چيو ته انهيءَ ڪارروائيءَ سان صوبي جي ماحول تي وڏو اثر پوندو

وزير اعظم چيو ته مڌيه پرديش ۾ انهيءَ ڪم ۾ شريڪ ٿيندي مونکي خوشي ٿي رهي آهي. نرمدا کي بچائڻ لاءِ وسيح هلچل گڏوگڏ ماحول کي بچائڻ جو هي هڪ بهترين مثال آهي