اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي چيو : جيڪڏهن ٽي طلاق کي رد ڪيو ويو ته قانون ٺهايو ويندو

مرڪزي سرڪار ڪلهه سپريم ڪورٽ کي چيو ته جيڪڏهن عدالت ٽي طلاق کي غير قانوني ۽ آئين مخالف ظاهر ڪيو ته پوءِ اُها مسلمانن ۾ شادين ۽ طلاق جي معاملي متعلق قانون ٺاهيندي

مکيه جج جي.ايس.کيهر جي اڳوانيءَ واري پنجن ججن جي آئيني بينچ اڳيان اٽارني جرنل مُڪل روهتگيءَ چيو ته سرڪار في الحال ٽي طلاق وارو معاملو کڻندي. عدالت چيو ته مسلمانن جي گھڻيون شاديون ڪرڻ ۽ نڪاح حلالا جي معاملن بابت مستقبل ۾ فيصلو ڪيو ويندو

عدالت اها راءِ تڏهن ظاهر ڪئي جڏهن اٽارني جنرل چيو ته گھڻيون شاديون ڪرڻ ۽ نڪاح حلالا جا معاملا ٻن ججن واري بينچ جي حڪم جو حصو آهن جيڪو معاملو آئيني بينچ کي موڪليو ويو آهي

عدالت مسلمانن ۾ ٽي طلاق واري رواج خلاف انيڪ درخواستن تي شنوائي ڪري رهي آهي. ان لاءِ 6 ڏينهن جو شيڊيول ٺاهيو ويو آهي