راج ناٿ  سنگھ : ملڪ جي 50 سيڪڙي کان وڌيڪ آدمشماري قدرتي آپدائن وارين ايراضين ۾ رهي ٿي

مرڪزي گھرو وزير راج ناٿ سنگھ چيو آهي ته ملڪ جي 50 سيڪڙي کان وڌيڪ آدمشماري اهڙين ايراضين ۾ رهي ٿي جتي زلزلي، ٻوڏن، طوفانن، سوڪ ۽ سوناميءَ جھڙين قدرتي آپدائون اينديو رهنديون آهن

نئي دهليءَ م ڪلھه قدرتي آفتُن جو جوکم گهٽائڻ متعلق قومي پليٽفارم جي ٻين ميٽنگ ۾ ڳالهائيندي شري سنگھ چيو ته قدرتي آپدائن کي منهن ڏيڻ لاءِ برجستو جماعتي سرشتو ڀارت وٽ موجود آهي

گھرو معاملن جي صوبائي وزير ڪرن ويجيجو چيو ته ڀارتُ قدرتي آپدائن لاءِ تياري ڪرڻ کي نظرانداز نٿو ڪري سگھي. ميٽنگ ۾ صوبائي سرڪارين ۽ مرڪزي سرڪار جا عملدار توڙي سڄي ملڪ جي سول سوسائيٽيءَ جا عيوضي بهرو وٺي رهيا آهن