ٽي طلاق معاملو گذريل 1400 سالن کان اعتقاد جو مسئلو : اي.آءِ.ايم.پيِ.ايل.بيِ. سُپريم عدالت کي

سُپريم ڪورٽ يعنيٰ اَعليٰ ترين عدالت کي اَڱاري ڏينهن ٻُڌايو ويو ته ٽي طلاق وارو معاملو اعتقاد جو آهي جو اُن تي 1400 سالن کان مُسلمان عمل ڪندا آيا آهن ۽ اِنڪري آئيني نيتي ۽ برابري جو سوال ئي نٿو اُٿي

اڳوڻو مرڪزي وزير قانون ۽ مانيور وڪيل ڪپِل سبل ڪُل هند مُسلم شخصي قانون بابت بورڊ پاران عدالت جي اڳيان جره ڪري رهيو هو