بين ال قوامي عدالت ڪلڀوشڻ جاڌو جي ڪيس بابت اڄ منجهند ڌاري فيصلو ٻڌائيندي

بين ال قوامي عدالت، اڄ منجهند ڌاري، هيگ ۾، ڪلڀوشڻ جاڌو جي ڪيس بابت فيصلو ٻڌائيندي. سرڪاري مرڪزن مطابق عدالت اڄ منجهند جو 3:30 بجي فتوا ڏيندي

عدالت سومر ڏينهن ڀارت جي عريضيءَ تي شنوائي ڪئي ۽ پوءِ پاڪستان پڻ پنهنجا دليل پيش ڪيا

ڀارت گذريل سومر تي پاڪستان خلاف ايئن چئيي ڪاروائي شروع ڪئي ته موت جي سزا ڪانسولر لاڳاپن متعلق وئينا دستور جو کليو کلايو ڀڃڪڙي آهي

ڀارت شنوائي دوران گھُر ڪئي ته جاڌو جي موت جي سزا تُرت ملتوي ڪئي وڃي ۽ انديشو ظاهر ڪيائين ته متان، بينالاقوامي عدالت ۾ شنوائي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي، جاڌو کي ڦاسي ڏني وڃي. تنهن بعد بينالاقوامي عدالت جاڌو کي ڦاسي ڏيڻ تي روڪ لڳائي

ڀارت پاڪستان تي الزام هنيو ته اُن، بنا ڪنهن ثبوت جي مذاحيا مقدمو هلائي جاڌو کي موت جي سزا ٻڌائي آهي. ڀارت چيو ته جاڌو کي ايران مان اغوا ڪيو ويو ۽ هو ڀارتي بحري فوج مان ريٽائر ڪرڻ کانپوءِ اُتي ڌنڌو ڌاڙي ڪندو هو

ٻائيتاليهن (42) سالن جي جاڌو کي گذريل سال مارچ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ جاسوسيءَ توڙي ڀڃ ڊاھ جون ڪاروايون ڪرڻ جي الزامن هيٺ، پاڪستان جي فوجي عدالت هنکي موت جي سزا ٻڌائي هُئي