آءِ.پي.ايل. اَڄ ممبئي اِنڊينس ۽ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرس وچ ۾ ٻيِ ڪواليفائير راند کيڏي ويندي

اَڄ بئنگلور جي ايم. چِنسوامي اِسٽيڊيم ۾ ممبئي اِنڊينس ۽ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرس وچ ۾ آءِ.پيِ.ايل. ڪرڪيٽ مئچ جي ٻيِ ڪواليفائير راند کيڏي ويندي. اَڄ ٻيِ ڪواليفائير کٽندڙ ٽيم آرتوار ڏينهن رائيزنگ پوني سُپرجائينٽ سان فائينل ۾ مقابل ٿيندي. پوني پهرئين ڪواليفائير ۾ ممبئي کي هارائي اڳ ئي فائينل ۾ پهچي ويو آهي