وزير اعظم آفريڪن ڊيويلپمينٽ بئنڪ جي سالياني ميٽنگ جو 23 ميءِ تي افتتاح ڪندو

وزير اعظم نريندر مودي 23 ميءِ تي آفريڪن ڊيويلپمينٽ بئنڪ جي سالياني ميٽنگ جو افتتاح ڪندو. نئي دهليءَ ۾ اقتصادي معاملن جي اعليٰ عملدار شڪتيڪانتا داس ميڊيا کي ٻڌايو ته اي.ايف.ڊي.بي. جي اِتهاس ۾ اِهو پهريون ڀيڙو ٿي رهيو آهي ته بئنڪ جي سالياني ميٽنگ جي ميزباني ڀارت ڪري رهيو آهي.

هن ٻڌايو، ته اِها گڏجاڻي گجرات جي گانڌينگر ۾ 22 کان 26 ميءِ جي سالياني گڏجاڻين جو وڏو واقعو آهي جنهن جا شاهد سڄي دنيا جا 81 ميمبر ملڪن جا 3000 سفير هوندا