وزير اعظم مودي 28 مئي تي پروگرام “من ڪي بات” ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو

وزير اعظم نريندر مودي آل انڊيا ريڊيو جي ٻيئن ايڊيشن ۾، هن مهني جي 28 تاريخ تي ٿيندڙ پروگرام “من ڪيِ بات” ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو. سڀني کي آگاھ ڪيو پيو وڃي، ته اُهي پنهنجن خيالاتن جو اظهار يا وري تجويزون ماءِ گورنمينٽ اوپن فورم ۾ ٻڌائي سگهن ٿا ۽ ٽول فري نمبر 7800-11-1800 تي به ڊائل ڪري پنهنجا پيغام رڪارڊ ڪرائي سگھن ٿا

وزير اعظم جي “من ڪي بات” جي صبح واري نشريات کان هڪدم پوءِ شام جو 8 بجي علاقائي ٻولين ۽ هنديءَ ۾ اِها ساڳي نشريات پيش ڪئي ويندي آهي