ڏه هزارن کان وڌيڪ ياترين امرناٿ غفا جي مندر ۾ مٿو ٽيڪيو

ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هن وقت هلندڙ امرناٿ ياترا جي 14 ڏينهن ٻڌر تي 10 هزارن کان وڌيڪ ياترين پاڪ غفا ۾ مٿو ٽيڪيو. 29 جوُن کان شروع ٿيل ياترا دوران ٻڌر ڏينهن شام تائين جُملي اٽڪل هڪ لک 68 هزار ياترين برفاني شِو لنگ جو درشن ڪيو آهي

اِن وچ ۾ مرڪزي گھرو محڪمي جي اِسٽيٽ وزير هنسراج اَهير سرينگر جي دوري دوران ظاهر ڪيو ته سومر ڏينهن ياترين تي ٿيل حملي ۾ پهتل جاني نقصان کان پوءِ سڄي سلامتي سرشتي کي بيحد سجاڳ رکيو ويو آهي. هُن چيو ته ياترا جي سڄي رستي تي سڙڪون صاف ڪندڙ پارٽين کي مضبوط ڪيو ويو آهي

چاليهن ڏينهن جي سالياني امرناٿ ياترا سانوڻ پورڻما ڏينهن 7 آگسٽ تي پوري ٿيندي جنهن ڏينهن رکشاٻنڌن پڻ آهي