ڪشمير جي ڪيرن سيڪٽر ۾ ضابطي واري ليڪ وٽ پاڪستاني فوج جي گوليبازيءَ ۾ ٻه جوان شهيد ٿيا

ڪشمير جي ڪيرن سيڪٽر ۾ پاڪستاني فوج، ٻڌر ڏينهن گشت ڪندڙ پارٽيءَ تي لڪي حملو ڪيو اُن ۾ ڀارتي فوج جا ٻه جوان مارجي ويا

سرڪاري عملدار چيو ته پاڪستاني فوجن بنا ڪنهن چُرچ جي گوليبازي ڪئي ۽ فوجي چونڪين کي نشانو بڻايو. بڊگام ۾ سلامتي فوجن سان سڄي رات ٿيل دوُبدو گوليبازيءَ ۾ حظب اُل مجاهدين جا ٽي دهشتگرد مارجي ويا تنهن کان ڪجھ ڪلاڪ پوءِ اِها واردات ٿي آهي