آسام ۾ چالو ٻوڏن سبب 17 لکن کان وڌيڪ ماڻهن تي اثر پيو

آسام ۾ چالو ٻوڏن سبب 26 ضلعن ۾ اٽڪل ساڍا 17 لک ماڻهو اثر هيٺ آيا آهن. ڪَئين نديون خطري جي نشان کان مٿي وهي رهيون آهن

رهائشي ايراضين کان علاوه، قومي پارڪ ۽ جانورن پکين وارا پناه گھر پڻ ٻوڏن جي چپيٽ ۾ آهن. جھنگلات کاتي جي وزير پرميلا رانيءَ برهما، آل اِنڊيا ريڊيو کي ٻڌايو ته ڪازيرنگا قومي پارڪ جون 134 ڪُميون پاڻيءَ هيٺ اچي ويون آهن. هن چيو ته 32 جانور، جن ۾ ٽي گينڊي جا ٻچڙا به هئا سي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا. ڪاجيرنگا ۾ پاڻيءَ جي آمد کي روڪڻ لاءِ ڊرون به ڪتب آندا پيا وڃن. هن چيو ته 90 جانورن کي سلامتيءَ سان بچايو ويو آهي. بچاءَ ڪاريه لاءِ وڌيڪ عملو ڪم ۾ لڳايو پيو وڃي