امرناٿ ياترا جي 15 ڏينهن تي 9000 کان به وڌيڪ ياترين، پاڪ غفا ۾ بندگي ڪئي

ڪلهه ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ، هلندڙ اَمرناٿ ياترا جي 15 ڏينهن تي 9000 کان به وڌيڪ ياترين پاڪ غفا ۾ عبادت ڪئي. ايس.اي.ايس.بي. ذريعن چيو ته 29 جوُن کان شروع ٿيل هن ياترا ۾ ڪلهه شام تائين برفيلي شِو لنگ جو درشن، هڪ لک 77 هزار ياترين ڪيو. ڪلهه اڳ ۾ ئي 3500 ياتري ڪشمير ماٿريءَ لاءِ ڄمون بيس ڪئمپ مان روانا ٿي چڪا آهن