وزير اعظم نريندر مودي اڄ ايف.ڊي.آءِ. پرڏيهي سڌين سيڙپن واري پاليسيءَ جو جائزو وٺندو

وزير اعظم نريندر مودي اڄ اوچ اڳوانن ۽ عملدارن جي هڪ ميٽنگ ڪندو، جنهن ۾ ملڪ جي پرڏيهي سڌين سيڙپن واري پاليسيءَ جو جائزو ورتو ويندو ۽ رڪاوٽن کي اڃا به ڪيئن هٽائجي اِن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي

مالي وزير اروڻ جيٽلي، واپار ۽ صنعت جي وزير نرملا سيٿارمن، نيتي آيوگ جو سي.ايِ.او. اميتاب ڪانت ۽ ٻيا عملدار بهرو وٺندا.

سرڪاري مرڪزن چيو ته وزير اعظم ملڪ ۾ پرڏيهي سڌين سيڙپن جي آمد جي ڏس ۾ رڪاوٽن کي هٽائڻ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو وٺندو ۽ پڻ آئينده لاءِ سڌارن جي اُپائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو