ريلوي وزير، شمسي توانائيءَ سان هلندڙ مُلڪ جي پهرين ڊيموُ نالي ٽرين قؤم کي منصوب ڪئي

ريل وزير سُريش پرڀوءَ جمع ڏينهن نئي دهليءَ ۾ ڪيل هڪ جلسي ۾ مُلڪ جي پهرين شمسي توانائي سان هلندڙ ڊيموُ نالي ٽرين، قؤم کي منصوب ڪئي. 1600 هارس پاورن واري اِن ٽرين جا دٻا شمسي توانائيءَ سان هلندا آهن. اُن ۾ خاص بئٽري بئنڪ آهي، جيڪا 8 ڪلاڪ اِستعمال ٿي سگھندي

اِها ٽرين دهليءَ جي سراءِ روهيلا کان هرياڻا جي فاروخ نگر تائين هلندي. موقعي تي ڳالهائيندي وزير چيو ته ان سان، اٽڪل 21000 ليٽر ڊيزل بچندو ۽ ان ريت ساليانو 12 لک رپيا گھٽ خرچ ايندو