ڄمون ۽ ڪشمير سرڪار، اَمرناٿ ياترا تي ٿيل دهشتگردانه حملي جي جاچ لاءِ، خاص جاچ ٽولي ٺاهي آهي

ڄمون ۽ ڪشمير سرڪار، اَمرناٿ ياترا تي ٿيل دهشتگردانه حملي جي جاچ لاءِ، خاص جاچ ٽولي ٺاهي آهي. اِهو حملو، سومر ڏينهن ٿيو هو، جنهن ۾ 7 عقيدت مند مارجي ويا هئا ۽ 19 ٻيا زخمي ٿيا هئا

ڏکڻ ڪشمير جو ڊپٽي اِنسپيڪٽر جنرل، جاچ ٽوليءَ جي اڳواني ڪندو ۽ اُن ۾ 6 ميمبر هوندا

اننتناگ ضلعي جي بوٽينگوُ ڳوٺ وٽ، سومر رات ٿيل حملي لاءِ، پوليس، لشڪر اي توئبا کي تلاهي ٺهرايو آهي. هيل تائين ٿيل پوليس جاچ مان پتو پيو آهي ته ان حملي پٺيان، لشڪر اي توئبا جو هٿ هو ۽ پاڪستاني دهشتگرد ابوُ اسمائيل ان جو منصوبو ٺاهيو هو