گجرات جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ زبردست برسات؛ ٽي شخص هلاک

گجرات جي سؤراشٽرا حلقي ۾ زبردست برسات پوڻ ڪري عام رواجي زندگيءَ ۾ رخنو پيو آهي. موربي، راجڪوٽ، سُريندرنگر ۽ بنسڪانٿا ضلعا بُريءَ طرح متاثر ٿيا آهن. ٽن شخصن کي پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پيو ۽ سوين ٻين کي بچائي سلامتيءَ وارين جڳهين تي پهچايو ويو. هوائي فوج ۽ قومي آفت جو مقابلو ڪندڙ فوج صوبائي اِنتظاميه کي راحت ۽ بچاءَ قدمسازيءَ ۾ مدد ڪري رهيون آهن

وزير اعليٰ وجيه روپاڻي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هنگامي گڏجاڻي ڪئي. محترم روپاڻيءَ صوبائي اِنتظاميه کي هدايتون ڏيندي چيو ته اُهي سجاڳيءِ کان ڪم وٺن جو آبهوا کاتي چتاءُ ڏنو آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ گجرات ۾ زبردست برسات ممڪن آهي