اُتاهين کائيءَ ۾ بس جي ڪِرڻ سبب 16 امرناٿ زيارتي فوت ٿي ويا؛ وزير اعظم حادثي تي افسوس ظاهر ڪيو

 

آرتوار ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ بس جي روڊ کان کسڪي، اُتاهين کائيءَ ۾ ڪِرڻ ڪري، 16 امرناٿ زيارتي فوت ٿي ويا ۽ 19 ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. هڪ آزمودگار پوليس عملدار ريڊيو واري خاطوءَ کي ٻڌايو آهي ته 19 زخمين کي خاص علاج لاءِ هوائي آمدرفت ذريعي اِسپتال پهچايو ويو، هوڏانهن 8 ٻين زخمين کي معمولي ڌڪ لڳا آهن. سلامتي عملدارن جو چوڻ آهي ته بس جو هڪ ڦيٿو ڦاٽڻ ڪري حادثو ٿيو

وزير اعظم نريندر مودي حادثي ۾ امرناٿ زيارتين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ظاهر ڪندي هڪ ٽويٽ ۾ چيو آهي ته منهنجون پرارٿنائون فوت ٿيلن جي ڪٽمبن سان آهن. هن اِها پڻ پرارٿنا ڪئي ته زخمي ٿيل جلد ٺيڪ ٿي وڃن. گھروُ وزير راجناٿ سنگھ پڻ فوت ٿيل زيارتين تي افسوس ظاهر ڪندي، زخمي ٿيلن جي جلد تندرست ٿيڻ جي دُعا گھُري آهي