اڄ صدر جون چونڊون پارليامينٽ ۽ صوبائي اَسيمبلين ۾ ساڳئي وقت ٿينديون

 

اڄ ڀارت جي نئين صدر لاءِ چونڊون ٿينديون. اين.ڊي.اي. جي اُميدوار رامناٿ ڪووِند ۽ مخالف اُميدوار ميرا ڪُمار منجهه، مکيه آئيني عهدي لاءِ سڌي چٽاڀيٽي آهي. وسپت ڏينهن ووٽن جي ڳڻپ ٿيندي. موجوده صدر پرڻب مکرجيءَ جو عهدو هن مهني جي 24 تاريخ تائين آهي. چونڊن لاءِ پارليامينٽ ۾ ۽ صوبائي اَسيمبلين ۾ خاص اِنتظام ڪرايا ويا آهن. صدر جي چونڊ، راجيه سڀا، لوڪ سڀا، صوبائي اَسيمبلين ۽ مرڪزي علائقن ۽ پُڊوچيري اَسيمبلين جا چونڊيل ميمبر ڪندا آهن

شاندار راشٽرپتي ڀون ۾ داخل ٿيڻ لاءِ 50 في صدي کان هڪ ووٽ وڌيڪ کپندو آهي. ووٽ ڏيڻ لاءِ خاص رنگ جي مس کي ڪتب آڻڻو آهي. وسپت ڏينهن ملڪ کي نئون صدر ملندو