بد عنوانين ۾ مبتلا سياستدانن خلاف قدم ضرور کڄڻ گھرجي : وزير اَعظم مودي

وزير اَعظم نريندر موديءَ سياستدانن کي چيو آهي ته اُهي، اُنهن خلاف گڏجي آواز اُٿارين جيڪي پاڻ کي سياسي سازش جو شڪار ڄاڻائي بچائڻ چاهين ٿا

اَڄ شروع ٿيندڙ پارليامينٽ جي چوماسي واري اِجلاس کان اَڳ سڀني پارٽين جي گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي هُن چيو ته راشي سياستدانن خلاف ضرور قدم کڻڻ گھرجي. شري موديءَ چيو ته گذريل ڪجھ ڏهاڪن دوران سياسي اڳوانن جي عڪس کي چوٽ لڳي آهي جو اَسان مان ڪي اَهڙي ڪارڪردگيءَ ۾ مبتلا رهيا آهن

هُن چيو ته سياسي اڳوانن کي گھرجي ته اُهي ماڻهن کي سمجھائن ته سڀيئي اڳوان هروڀڙو بد عنوان نه آهن ۽ پڻ پئسي جي پٺيان نه آهن. پرڌان منتري نائين آگسٽ تي ”ڀارت ڇڏيو هلچل“ جي 75 سالگره واري موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. هُن پارليامينٽ کي عرض ڪيو ته اُها اِن تي غور ڪري