بي.جي.پيِ. اَڄ نائب صدر جي عهدي لاءِ پنهنجو اُميدوار ظاهر ڪندي

بي.جي.پيِ. اَڄ نائب صدر جي عهدي لاءِ پنهنجو اُميدوار ظاهر ڪندي. پارٽيءَ جو پارليامينٽري بورڊ اَڄ شام جو نئي دهليءَ ۾ گڏجي اِن تي غور ڪندو. مخالف ڌرين اڳ ۾ ئي مغربي بنگال جي اڳوڻي گورنر گوپال ڪرشن گانڌيءَ کي ان عهدي لاءِ اُميدوار ڪري پڌرو ڪيو آهي

سڀاڻي اُميدواريءَ جي لاءِ دستاويز داخل ڪرڻ جو آخرين ڏينهن آهي. ڪاغذن جي ٻڌر ڏينهن جاچ پڙتال ڪئي ويندي ۽ نامزدگيءَ جي واپسيءَ جي تاريخ هن مهني جي 21 تاريخ آهي. ووٽن وجھڻ جو ڪم ايندڙ مهني جي 5 تاريخ ٿيندو ۽ ووٽن جي ڳڻپ پڻ ساڳئي ڏينهن ٿيندي. موجوده نائب صدر جي عهدي جي عرصي جي پوري ٿيڻ جي تاريخ هن سال جي 10 آگسٽ آهي