جاڌو خلاف ثبوت جي پاڪ فوجي اڳوان جاچ پرتال ڪندو

 

پاڪستان جو فوجي اڳوان جنرل قمر جاويد بجوا ڀارتي شهري ڪُلڀوشڻ جاڌو خلاف ثبوت جي جاچ پرتال ڪندو، جنهن کي هڪ فوجي عدالت موت جي سزا ڏني آهي ۽ پوءِ سندس اپيل تي فيصلو ڏيندو. اِهو بيان فوج ڪلهه اِسلاماباد ۾ ڏنو آهي. گذريل مهني جاڌو جنرل بجوا وٽ ٻاجهه جي اپيل داخل ڪئي. اَپريل ۾ هڪ پاڪستان جي فوجي عدالت جاڌو کي جاسوسي ۽ دهشت ڪاررواين لاءِ، موت جي سزا ڏني. هيگ ۾ اِنصاف جي عالمي عدالت، ڀارت جي عرض تي ميءِ مهني ۾ سندس ڦاسيءَ جي سزا کي روڪيو