سشما سوراج جو چوڻ آهي ته اَڻ لڀندڙ ڀارتي شايد عراق جي بدُش جيل ۾ ٿي سگھن ٿا

 

پرڏيهي معاملن جي وزير سشما سوراج، صوبائي پرڏيهي وزير ايم.جي. اڪبر ۽ وي.ڪي. سنگھ سان، عراق ۾ 2014 کان وٺي ڪري غائب 39 ڀارتين جي ڪٽمبن سان ملاقات ڪئي. سُشري سوراج چيو ته عراق ۾ ذريعن، شري وي.ڪي. سنگھ کي ٻڌايو آهي ته غم ٿيل ڀارتي ممڪن آهي بدُش جي جيل ۾ هجن، جتي اڃا تائين لڙائي هلي آهي

سُشري سوراج چيو ته عراقي وزير اعظم پاران موسل ۾ آٰ.ايس.آءِ.ايس. مٿان سوڀ پائڻ جي اعلان کان پوءِ هن شري سنگھ کي اِربِل جي ياترا ڪرڻ لاءِ چيو. شري سنگھ جي عراق ياترا کان پوءِ غم ٿيل ڀارتين جي ڪٽمب وارن سان گڏجاڻي ٿي آهي. مڃيو پيو وڃي ته جوُن 2014 ۾ اِسلامڪ اِسٽيٽ دهشت انگيزن ڀارتين کي اغوا ڪيو