قطر ۽ اُن جي عرب پاڙيسڙين وچ ۾ تڪرار جي بين اَل قوامي نظرثاني ٿيڻ گھرجي : يوُ.اي.ايِ. جو بالا عملدار

متحد عرب اَميرات جي هڪ بالا عملدار چيو آهي ته قطر ۽ سندس عرب پاڙيسڙين وچ ۾ تڪرار جي بين اَل قوامي نظرثاني ٿيڻ گھرجي. هُن چيو ته هُن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته دوها تي وڌل دٻاءُ ڪم ڪري رهيو آهي

سعودي عرب، متحد عرب اَميرات، بحرين ۽ مصر گذريل مهني جي 5 تاريخ تي قطر خلاف پابنديون لڳايون هيون. هُنن ننڍڙي نار واري رياست سان سفارتي ۽ آمدرفتي رشتا ختم ڪيا هئا. هُنن قطر تي تهمت مڙهي ته اُهو اِنتهاپسند ٽولين کي مالي اِمداد ميسر ڪري ٿو ۽ نار وارن عرب مُلڪن جي ايران جھڙن خطرناڪ دشمنن سان ناتا جوڙي رهيو آهي

ٻئي طرف قطر انهن تهمتن کان اِنڪار ڪيو آهي. تازو قطر آمريڪا سان دهشتگردي مخالف قرارداد تي صحي ڪئي هئي