لوڪ سڀا اِسپيڪر اُميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ جو چؤماسي وارو اِجلاس نتيجيخيز ثابت ٿيندو

لوڪ سڀا اِسپيڪر سُمترا مهاجن اُميد ظاهر ڪئي ته اَڄ کان شروع ٿيندڙ پارليامينٽ جو چؤماسي وارو اِجلاس نتيجيخيز ثابت ٿيندو. ڪلهه اِسپيڪر چيو هو ته سڀيئي پارٽيون مُلڪ جي سامهون مسئلن تي سهڻي نموني ڪارروائي هلندڙ ڏسڻ چاهين ٿيون

سڀني پارٽين جي اِجلاس جي موقعي تي سڏايل گڏجاڻيءَ کانپوءِ اَخبار وارن سان ڳالهائيندي محترمه مهاجن چيو ته گڏجاڻيءَ ۾ بهرو وٺندڙن سڀني خاطري ڏني ته اِجلاس بنا رُخني هلندو. هُن چيو ته سڀيئي پارٽيون هارين جي خودڪشي ۽ سلامتي حالت جھڙن اَهم مسئلن تي بحث ڪرڻ چاهين ٿيون. موجوده 16 لوڪ سڀا جو 12 اِجلاس ايندڙ مهني جي 11 تاريخ تي پورو ٿيندو، جيڪڏهن ڪي هنگامي حالتون نه پئدا ٿيون