وزير اعظم مودي صوبن کي گانين لاءِ خبردارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ چيو آهي، جيڪي فساد ڪرائن ٿا

آرتوار ڏينهن وزير اعظم نريندر مودي چيو ته اُنهن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گھرجي جيڪي گانءِ کي بچاءَ ڏيڻ جي نالي فساد ڪري رهيا آهن. پارليامينٽري معاملن جي وزير اننٿ ڪُمار جي مطابق، وزير اعظم صوبن کي سخت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ چيو آهي. شري مودي چيو ته گانين کي بچائڻ لاءِ قائدا قانون آهن، پر قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ قبول ڪونه آهي. شري مودي چيو ته اهڙن مُدن کي سياسي ۽ فرقي وارا روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي، اِنهيءَ سان ملڪ کي فائدو ڪونه رسندو. شري مودي سياسي پارٽين کي عرض ڪيو ته رشوت جو گڏجي ڪري مقابلو ڪن. ملڪ ڀر ۾ جي.ايس.ٽي. کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ شري مودي سندن شُڪرانا اَدا ڪيا. شري مودي سياسي پارٽين کي اپيل ڪئي ته هوُ سرڪار کي حمايت ڏين، جيئن پارليامينٽ جو چوماسي وارو اِجلاس سڪارتو ثابت ٿئي