گجرات ۾ تمام گھڻي برسات ۽ ٻوڏ سبب 15 ڄڻا هلاک

گجرات ۾ گذريل ٽِن ڏينهن کان وٺي تمام گھڻي برسات ۽ ٻوڏ جھڙين حالتن ڪري 15 ڄڻن جون جانيون ويون آهن. ڄامنگر ضلعي جي جوديا ڳوٺ مان اين.ڊي.آر.ايف. ٽيم ٻوڏ واري جڳهين تان ٻين 20 ڄڻن کي بچايو آهي، گذريل ٽِن ڏينهن کان هيل تائين 405 ماڻهن کي بچايو ويو آهي. ڪنهن به طرح جي اوچتي حالت لاءِ 5 اين.ڊي.آر.ايف. ٽيمن کي سجاڳ رهڻ لاءِ چيو ويو آهي

هيٺين ايراضين ۾ ٻوڏ سان متاثر ماڻهن کي کاڌ خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي ۽ دوائون ميسر ڪرايون ويون آهن. سؤراشٽر علائقي ۾، ندين ۽ بندن ۾ وڌيڪ پاڻيءَ ڪري ماڻهن کي خبردار رهڻ لاءِ چيو ويو آهي. اِنهيءَ وچ ۾ ڪَڇ ضلعي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ تمام ڀاڙي برسات پيئي آهي