اَمِت شاه، سِمرتي ايراني ۽ احمد پٽيل راجيه سڀا واريءَ چونڊ ۾ کٽيو

بي.جي.پي. جو قومي صدر امِت شاه، مرڪزي ڪپڙي واري وزرات جي وزير سِمرتي ايراني ۽ سينئر ڪانگريسي اڳوان احمد پٽيل گجرات وارين راجيه سڀائي چونڊن ۾ کٽي آيا آهن. راتوڪي رات  وچ ۾، ووٽن جي ڳڻپ وقت ٿيل ناٽڪ بازيءَ بعد، اَمِت شاه 46 ووٽ، سِمرتي ايرانيءَ به 46 ووٽ ۽ احمد پٽيل 44 ووٽ کٽي سوڀ حاصل ڪئي

سِمرتي ايرانيءَ، اَمِت شاه کي ٽويٽ ڪري واڌايون ڏنيون ۽ اِها به ڪامنا ظاهر ڪيائين ته هوُ بي.جي.پي. جي صدر طور ٽي سال ٻيا به پورا ڪندو. شريمتي ايرانيءَ وزير اعظم مودي، گجرات جي وڏي وزير وجيه روپاڻي ۽ پارٽي ڪاريه ڪرتائن جا شڪرانا مڃيا جو اُنهن هُن ۾ وشواس رکيو آهي. ڪانگريسي اڳوان احمد پٽيل گجرات مان هي پنجون دفعو راجيه سڀا تي ميمبر چونڊيو ويو آهي