بي.جي.پي.، نائين آگسٽ کان وٺي ‘سنڪلپ کان سِڌي’ تحريڪ شروع ڪندي

بي.جي.پي. جو گوئا يونِٽ 9 کان 30 آگسٽ تائين ‘سنڪلپ کان سِڌي’ يعنيٰ اِنجام کان حاصلات واري تحريڪ هلائيندي، جنهن هيٺ منڊل ۽ ضلعا سطح تي پروگرام ڪيا ويندا. اِها تحريڪ ڪُئٽ اِنڊيا هلچل جي 75 سال ملهائڻ لاءِ تحريڪ طور آهي ۽ وزير اعظم سال 2022 تائين نئون ڀارت اڏڻ لاءِ جيڪو سڏ ڏنو آهي، اُن جي سلسلي ۾ آهي. 2022 ۾ ڀارت آزاديءَ جو 75 سال ملهائيندو