جج ديپڪ مِسرا ڀارت جو نئون چيف جج ٿيندو

سُپريم ڪورٽ جي وڌ ۾ وڌ آزمودگار جج، ديپڪ مِسرا کي ڪلهه ڀارت جي نئين چيف جج طور مقرر ڪيو ويو آهي . هڪ سرڪاري پڌرائيءَ موجب 63 سالن جي مِسرا جي مقرريءَ کي قانوني وزرات اڄ شام جو منظوري ڏيندي. مِسرا موجوده چيف جج جي.ايس.کيهر جو عهدو سنڀاليندو، جيڪو 27 آگسٽ تي رٽائر ڪرڻ وارو آهي