پونچ ۾ پاڪستاني گوليبازيءَ ۾ فوجي جوان شهيد ٿي ويو

ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پونچ ۾ منگل ڏينهن پاڪستانين جي ڪيل گوليبازيءَ ۾ ڀارتي فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. بچاءَ کاتي جي نمائندي آل اِنڊيا ريڊيو کي ٻڌايو ته پاڪستاني فوج وارن پونچ ضلعي ۾ ڪنٽرول واري لائين لڳ ڪرشنا گھاٽيءَ ۾ ڀارتي فوجي چونڪين تي گوليبازي ڪئي. ڀارتي فوجين جواب ۾ مضبوطيءَ سان ۽ اثردار نموني گوليبازي ڪئي. پاڪستاني گوليبازيءَ ۾ سپاهي پَوَن سنگھ سُگرا سخت زخمي ٿي پيو ۽ بعد ۾ اِسپتال ۾ گذاري ويو. سُگرا 21 سالن جو هو ۽ اُتراکنڊ جي پٿوراڳڙه ضلعي مان هو