صدر، ڀارت ڇڏيو تحريڪ جي 75 سالگره جي موقعي تي مجلس ڪئي

صدر رامناٿ ڪووند، ڀارت ڇڏيو تحريڪ جي 75 سالگره جي موقعي تي ڪلهه راشٽرپتي ڀون ۾، آزاديءَ جي لڙاڪن واسطي مجلس ڪئي. هُن سڄي مُلڪ مان 93 آزاديءَ جي لڙاڪن جي عزت ڪئي

واڳون ڇڏيندڙ نائب صدر محمد حامد انصاريءَ ۽ وزير اَعظم نريندر موديءَ پڻ آزاديءَ جي لڙاڪن کي کيڪاڙيو. گھروُ وزير راجناٿ سنگھ، مواصلات وزير سنها، گھروُ معاملن جو صوُبائي وزير ڪِرين ريجيجوُ ۽ هنس راج اهير ۽ ٻيون شخصيتون پڻ اِن موقعي تي حاظر هيون

هرهڪ آزاديءَ جي لڙاڪوُ کي، صدر جي شخصي پيغام واري بجليءَ جي ڪِٽلي سوکڙيءَ طور ڏني ويئي. صدر چيو ته آزاديءَ جي لڙاڪن تي مُلڪ کي فخر آهي ۽ اُنهن کي سلام ٿو ڪجي. هُن کين خوشيءَ، سُٺي صحت ۽ وڏيءَ آورجا جون شڀ ڪامنائون ڏنيون

سال 1942 جي آزاديءَ جي هلچل جي 75 سال جي موقعي تي اَٺ يادگار ٽپال ٽِڪليون پڻ جاري ڪيون ويون