ڀارت، پاڪستاني عملدار کي سڏايو ۽ هڪ سپاهيءَ جي موت تي اعتراض نامو ڏنو

ڀارت، پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عملدار کي گھرايو ۽ پاڪستان طرفان بنا چُرچ جي جنگبنديءَ جي اِنحرافيءَ دؤران هڪ ڀارتي سپاهيءَ جي مارجي وڃڻ تي اعتراض نامو ڏنو

پرڏيهي محڪمي، منگل ڏينهن، ڪرشنا گھاٽي سيڪٽر ۾، بنا چُرچ جي ٿيل جبگبنديءَ جي اِنحرافيءَ دؤران ڀارتي سپاهيءَ جي مارجي وڃڻ جي معاملي تان، ڪلهه نئي دهليءَ ۾، پاڪستاني قانصل طارق ڪريم کي گھرايو

پرڏيهي محڪمي اِن واردات جي سخت لفظن ۾ نندا ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اِن نموني حياتي وڃڻ بيحد افسوس ناڪ ڳالهه آهي

پرڏيهي محڪمي هڪ پريس پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته ضابطو رکڻ ۽ جنگبنديءَ

جو پالن ڪرڻ جي ور ور ڪري ڪيل اپيل باوجود، پاڪستاني فوجن هن سال ضابطي واري ليڪ لڳه، 301 دفعا بنا سبب جنگبنديءَ جي اِنحرافي ڪئي آهي