ڄمون ۽ ڪشمير ۾، هڪ دوُبدو چڪريءَ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پُلواما ضلعي جي ترال سڀ ڊويزن جي گُلاب باغ ايراضيءَ ۾، سلامتي فوجن سان لڳل چڪريءَ ۾ 3 گمنام دهشتگرد مارجي ويا

اِها لڙائي تڏهن لڳي، جڏهن دهشتگردن جي گروپ، اُن ڳوٺ ۾ سلامتي عملي جي گشت ڪندڙ پارٽيءَ تي حملو ڪيو. هڪ سينئر پوليس عملدار آل اِنڊيا ريڊيو کي ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ۽ سندن لاڳاپي جو پتو لڳايو پيو وڃي

اِن وچ ۾، اعتراض ظاهر ڪندڙ هڪُ شهري پُلواما ضلعي جي نودال ترال ايراضيءَ ۾، سلامتي فوجن سان چڪري کائيندي مارجي ويو