بِمسٽيڪ جي 15 وزراتي گڏجاڻي ڪاٺمانڊوءَ ۾ ٿيندي

نيپال جي وزير اعظم شير بهادُر ديئوبا چيو آهي ته دهشتگردي، اَمن، جھموريت، ترقي واڌاري ۽ سُٺي پاڙيسڙي پڻي لاءِ زبردست خطرو رهندي پيئي اچي. ڪالهه شام جو ڪاٺمانڊوءَ ۾ بِمسٽيڪ تنظيم جي 15 وزراتي گڏجاڻيءَ جو اِفتتاح ڪندي، شري ديئوبا چيو ته نيپال پختگيءَ سان ۽ بلڪل چٽيءَ طرح، دهشتگردي جي سڀني نمونن ۽ روپن کي نندي ٿو. هُن چيو ته بِمسٽيڪ علائقو وسيع ۽ گوناگون قدرتي ذريعن وارين نعمتن سان نوازيل آهي ۽ اگر اُنهن کي صحيح ڍنگ ۽ هوشياريءَ سان سنڀاليو وڃي ته اِن سان يقينن اسان جي عوام لاءِ خوشحالي ميسر ٿيندي