شريف پنهنجي عهدي تان هٽائڻ لاءِ پاڪستاني عدليه تي نڪته چيني ڪئي

بي پرواه نواز شريف اڄ پاڪستاني عدالتي سرشتي تي نڪته چيني ڪئي ته اُن کيس وزير اعظم طور عهدو ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ چيائين ته اِها 20 ڪروڙن پاڪستاني باشندن جي بي عزتي آهي، جو عدالت پين جي هِڪ گهِڪي سان عوام جي چونڊيل اڳوان کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

پاڪستان جي پنجن ججن واري سُپريم ڪورٽ گذريل مهني شريف کي بي ايمانيءَ جي تهمت هيٺ عهدي تي نه رهڻ لائق قرار ڏنو هو ۽ فتوا ڏني هئي ته هُن جي ۽ سندس ٻارن خلاف، پناما گھوٽالي جي سلسلي ۾ بدعنوانيءَ جا ڪيس داخل ڪيا وڃن، جنهن سبب نواز شريف کي مجبور ٿي، رڪارڊ قائم ڪندڙ ٽيون ڀيرو وزير اعظم جي عهدي تان هٽڻو پيو هو. نواز شريف ڪالهه جھيلم ۾ پنهنجن حمآيتين اڳيان ڳالهائيندي ائين چيو